سراج ڪمانگر

سراج ڪمانگر: شڪارپور جي مشهور ماهر ڪاريگر سراج ڪمانگر 1932ع ڌاري جنم ورتو. هن جا وڏا اڍائي سؤ سال اڳ ايران جي شهر شيراز مان لڏي اچي شڪارپور ۾ ويٺا هئا. انهن جو باقي خاندان شهدادڪوٽ، لاڙڪاڻي ۽ ملتان ۾ آباد آهي. شڪارپور ۾ صرف هنن جو اڪيلو گهر رهي ٿو. هن جا وڏا طب ۽ هڏن جي جوڙجڪ وارو ڪم ڪندا هئا. هن جو والد غلام محمد طب ۽ هڏن جي بيمارين جو وڏو ماهر هو، کانئس اهو ڪم ورثي ۾ مليو ۽ هي ڪم ڪندي وڏو ڪاريگر بنجي ويو ۽ شڪارپور جي اڪثر تاريخي مسجدن توڙي عمارتن ۾ رازڪي، چٽسالي ۽ گلڪاريءَ جو ڪم سراج جو ٿيل آهي. خاص طور تي سکر جي بسم الله مسجد ۽ مينارا مسجد توڙي شڪارپور جي گهنٽا گهر جي مٿئين قبي وارو ڪم ٿيل آهي. هي انهيءَ ڪم ۾ مختلف اوزار استعمال ڪندو هو، جن ۾ ننڍو مانجالو، وڏو مانجالو، قلم، قئنچي، تيشو، چاقو ۽ ڪرني شامل آهن. سراج ڪمانگر جي هٿن ڪيترائي چٽ چٽيا آهن. هي هڪ محنتي ۽ ايماندار انسان آهي. سڄي زندگي خودداريءَ سان گذاريائين، جيترو پورهيو ڪندو هو، اوترو اجورو وٺندو هو. سراج ڪمانگر پنهنجي سموري زندگيءَ جي ڪمائي پنهنجي گهر واريءَ جي علاج تي صرف ڪئي. هي هن وقت 82 سالن جي عمر ۾ به پنهنجا ارادا پختا رکي ٿو. سندس اولاد پڻ صالح آهي، جو سندس چاڪري وغيره ٿئي ٿي.


لفظ سراج ڪمانگرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو